نصرپور ويجهو پوليس ڪارروائي دوران هاري ڪُٽنب جي عورتن ۽ ٻارن سميت 20 ڄڻن کي بازياب ڪرائي کين عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو

nasarpur

نصرپور  ويجهو پوليس ڪارروائي دوران هاري ڪُٽنب جي عورتن ۽ ٻارن سميت 20 ڄڻن کي بازياب ڪرائي کين عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، عدالت بيان وٺڻ بعد کين مرضي سان زندگي گذارڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

ڳوٺ ڄام نفيس ۾ پيارو لنڊ پوليس  زمين تي ڪارروائي دوران هاري ڪٽنب جي 20 ڄڻن کي بازياب ڪرائڻ بعد ٿاڻي تي وٺي وئي، جتان کين سيشن جج ٽنڊو الهيار جي عدالت ۾ پيش ڪيوويو.

عدالت بازياب ڪرايل ماڻهن جا بيان قلمبند ڪرڻ کانپوءِ کين مرضي سان زندگي گذارڻ  جي اجازت ڏئي ڇڏي، بازياب ڄاڻايل ماڻهن ۾ هرچند،گلاب، رامچند،کيمچند، لڇمي،  مينا۽ راڌا شامل آهن.

 پيارولنڊ پوليس موجب بازياب ڪرايل ماڻهن جي رشتيدار اڪ ڀيل سيشن ڪورٽ ٽنڊوالهيار ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته سندس رشتيدارن کي  زميندار پاڻ وٽ قيد رکي کائن جبري پورهيو وٺي رهيو آهي، جنهن تي عدالت کين بازياب ڪرائي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*