تائيوان ۾ آيل زلزلي جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ 9 ٿي ويو، جڏهن ته لاپتا 62 ماڻهن جو پتو نه پئجي سگهيو آهي

taiwan zalzalo

تائيوان ۾ آيل زلزلي جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ 9 ٿي ويو، جڏهن ته لاپتا 62 ماڻهن جو پتو نه پئجي سگهيو آهي.

هئالين شهر ۾2 ڏينهن اڳ 6.0 جي شدت سان آيل زلزلي بعد گذريل ڏينهن آفٽر شاڪس جو سلسلو جاري رهيو.

 ميڊيا رپورٽس موجب 100 جي لڳ ڀڳ آفٽرشاڪس رڪارڊ ڪيا ويا.

 نيشنل ڊزاسٽر اٿارٽي پاران زلزلي سبب ٿيل نقصان بابت ابتدائي انگ اکر جاري ڪيا ويا آهن.

 رپورٽس موجب زلزلي جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ 9 ٿي ويو آهي ۽ 62 ماڻهو لاپتا آهن، لاپتا ماڻهن جي ڳولا لاءِ انتظاميا پاران امدادي سرگرميون ڪيون پيون وڃن.

 رپورٽس موجب لاپتا ماڻهن جي فهرست ۾ڪجهه پرڏيهي سياح پڻ شامل آهن.

رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته زلزلي سبب 265 ماڻهو زخمي ٿيا ۽ ڪيتريون ئي عمارتون ملبي جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويون……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*