ننڍي کنڊ جي نامور گلوڪار جگجيت سنگهه جي اڄ 77 هين سالگرهه آهي، سندس ڳائڻ جو انداز سڄي محفل تي سحر طاري ڪري ڇڏيندو هو

jagjeet singh

ننڍي کنڊ جي نامور گلوڪار جگجيت سنگهه جي اڄ 77 هين سالگرهه آهي، سندس ڳائڻ جو انداز سڄي محفل تي سحر طاري ڪري ڇڏيندو هو.

ڪنهن نه ڄاتو هو ته 8 فيبروري 1941ع ڌاري راجسٿان جي وارياسي ڌرتي تي سردار امر سنگهه جي گهر جنم وٺندڙ ٻار پنهنجي ڳلي جي سرن ذريعي ڪروڙين دلين تي حڪمراني ڪندو.

 گنگا نگر مان ابتدائي تعليم جي تڪميل بعد وڌيڪ پڙهڻ لاءِ هن جالنڌر جو رخ ڪيو ۽ هرياڻا يونيورسٽيءَ مان ماسٽرز مڪمل ڪئي.

 جگجيت سنگهه سال 1961 ع  ڌاري آل انڊيا ريڊيو جالنڌر ذريعي پنهنجي ڪيريئر جو آغاز ڪيو پر پنڊت چگن لال شرما ۽ استاد جمال خان جي شاگرد جي منزل جالنڌر نه هئي.

 جگجيت سنگهه کي پنهنجي اندر جو ڪلاڪار 1965 ع ڌاري ممبئي تائين وٺي آيو.

 سندس ڳلي جي مٺاس کيس جلد ئي فلمز جي دنيا تائين پهچائي ڇڏيو، جگجيت سنگهه کي پلي بئڪ سنگر طور پرفارم ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ پنهنجي صلاحيت سبب هو راڳ جو راڻو سڏجڻ لڳو.

جگجيت سنگهه جي حياتيءَ ۾ اهم موڙ تڏهن آيو، جڏهن هو 1967ع ڌاري بنگال جي ناري چترا دتا سان مليو، جيڪا بعد ۾ سندس شريڪ حيات جي حيثيت سان هن جي زندگي جو حصو بڻجي وئي.

 ٻنهي گڏجي بالي ووڊ فلمز لاءِ ڪيترائي گانا ڳايا ۽ جگجيت، چترا سنگهه جوڙي جِي هر طرف هاڪ ڦهلجي وئي.جگجيت سنگهه، لتا مگيشڪر سميت ٻين سنگرز سان به گانا ڳايا، جيڪي تمام گهڻو مشهور ٿيا.

 “وه ڪاغذ ڪِي ڪشتي، وه بارش ڪاپاني سميت ڪيتريون ئي ڳايل غزل سندس سڃاڻپ بڻيل آهن.

جگجيت سنگهه کي فن جي مڃتا طور مختلف ايوارڊس نوازيو ويو، جڏهن ته ڀارت سرڪار پاران پدماشري ايوارڊ به سندس حصي ۾ آيو.

سال 2011 ڌاري 10 آڪٽوبر تي جگيجت سنگهه هميشه لاءِ هن ڏيهه کان موڪلاڻي ڪئي.

جگجيت سنگهه جي وڇوڙي کي 7 سال گذري ويا آهن پر سندس آواز ۾ رڪارڊ ڪيل گيت ڄڻ هن سان گڏ هجڻ جو احساس ڏياريندا آهن……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*