جرمني ۾ خلابازن جي تربيت لاءِ جهاز پرواز دوران ڊانس ڪلب ۾ تبديل ٿي ويو، ڊي جَي اسٽارز پاران خلابازن سان گڏ ڊانس جو مظاهرو ڪيو ويو

germany air dance

    جرمني ۾ خلابازن جي تربيت لاءِ جهاز پرواز دوران ڊانس ڪلب ۾ تبديل ٿي ويو، ڊي جَي اسٽارز پاران خلابازن سان گڏ ڊانس جو مظاهرو ڪيو ويو.

 جرمني جي شهر فرينڪفرٽ ۾ خلابازن جي تربيت لاءِ مخصوص هڪ جهاز  ۾ پرواز دوران تقريب جو اهتمام ڪيو ويو.

 ان موقعي تي ڊي جَي اسٽارز پاران موسيقي جو خاص طور انتظام ڪيو ويو هو. 90

 منٽس جي پرواز دوران جنهن وقت جهاز جي ڪشش ثقل ختم ڪئي وئي، ان مهل يورپي اسپيس ايجنسي جي خلابازن ڊي جي اسٽارز سان گڏجي ڊانس ڪيو، جنهن مان سڀ لطف اندوز ٿيندا رهيا.

ميديا موجب هي جهاز ورلڊ ڪلب ڊوم ميوزڪ فيسٽيول جو به حصو آهي ۽ دنيا جي پهرين زيرو گريوٽي ڪلب جو اعزاز به رکي ٿو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*