بالي ووڊ اسٽار اڪشي ڪمار جي نئين فلم پيڊ مين سڀاڻي رليز ٿي رهي آهي، فلمي پنڊتن جي اڳڪٿي موجب پيڊمين پهرين ڏينهن 13 ڪروڙ رپيا ڪمائي وٺندي

pad man flim

بالي ووڊ اسٽار اڪشي ڪمار جي نئين فلم پيڊ مين سڀاڻي رليز ٿي رهي آهي، فلمي پنڊتن جي اڳڪٿي موجب پيڊمين پهرين ڏينهن 13 ڪروڙ رپيا ڪمائي وٺندي.

بالي ووڊ جي نئين فلم پيڊمين سڀاڻي سئنيماگهرن جي زينت بڻجندي.

 ميڊيا موجب هي بالي ووڊ جي پهرين فلم هوندي جيڪا ڀارت سميت روس، آئيوري ڪوسٽ ۽ عراق جي سئنيما گهرن ۾هڪ ئي ڏينهن رليز ڪئي ويندي.

بالي ووڊ اسٽار اڪشي ڪمار فلم جي ڪاميابي لاءِ اميد جو اظهار ڪيوآهي، جڏهن ته باڪس آفس پنڊتن پاران پيڊمين جي بزنس بابت اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سماجي مسئلي تي ٺهيل فلم رليز جي پهرين ڏينهن 13 ڪروڙ رپيا ڪمائي وٺندي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*