اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي وي ۽ پارليامينٽ تي حملي سميت چئن ڪيسن ۾ شاهه محمود قريشي

atc

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي وي ۽ پارليامينٽ تي حملي سميت چئن ڪيسن ۾ شاهه محمود قريشي، شيرين مزاري، اسد عمر،جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي، پراسيڪيوٽر چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻ پاڻ سان گڏ هٿياربند به وٺي آيا هئا، ڌرڻن ۾ فوتگين جي ذميوار پي ٽي آءِ آهي.

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پي ٽي وي ۽ پارليامينٽ تي حملي سميت چئن ڪيسن جي ٻڌڻي جج شاهه رخ ارجمند ڪئي.

تحريڪ انصاف اڳواڻ شاهه محمود قريشي، شيرين مزاري، اسسد عمر، شفقت محمود ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا.

پوليس عدالت کي ٻڌايو ته شيرين مزاري به سرڪاري عمارتن تي حملي ۾ ملوث هئي، سرڪاري عمارتن تي حملي جي الزام ۾ شيرين مزاري کي به گرفتار ڪرڻو آهي.

تحريڪ انصاف جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته پرامن مظاهرو ڪرڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي نامزد ڪيو ويو.

پراسيڪيوٽرچيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻ پاڻ سان گڏ هٿياربندن کي وٺي آيا هئا، ڌرڻي دوران 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا.

پراسڪيورٽر چيو ته ڌرڻن ۾ فوتگين جو ذميوار به تحريڪ انصاف ئي آهي.

پراسيڪيوٽر جي دليل دوران تحريڪ انصاف اڳواڻ شيرين مزاري توبهه توبهه ڪندي رهي.

عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو.

عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي  شاهه محمود قريشي، شيرين مزاري، اسد عمر،جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*