تحريڪ انصاف اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسان تي بي بنياد الزام لڳايا ويا آهن

shah mehmood qureshi

تحريڪ انصاف اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسان تي بي بنياد الزام لڳايا ويا آهن، جنهن جا ڪي به ثوبت نه آهن، سرڪاري وڪيل وٽ ڪا به ويڊيو يا تصويري ثبوت نه آهن. ن ليگ سياسي جلسا حڪمت عملي تحت ڪري رهي آهي، عوام ۾ تاثر پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ڪيس سياسي آهن.

اسلام آباد ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته هٿيار خريدڪرڻ، ورهائڻ ۽ ان جي استعمال جا الزام لڳايا ويا ۽ چيو ويو ته اسان ماڻهن کي ڀڙڪايو ۽ سرڪاري عمارتن تي حملو ڪيو.

هن چيو ته شيرين مزاري جو نالو ايف آءِ آر ۾ نه هو، ان جو نالا بنا ڪنهن سبب جي شامل ڪيو ويو.

شاهه محمود قريشي چيو ته اسان جون عبوري ضمانتون منظور ٿي چڪيون هيون، اڄ رڳو واڌ جي تاريخ هئي.

تحريڪ انصاف اڳواڻ چيو ته اسان تي بي بنياد الزام لڳايا ويا آهن، جنهن جا ڪي به ثوبت نه آهن، سرڪاري وڪيل وٽ ڪا به ويڊيو يا تصويري ثبوت نه آهن.

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چيو ته ن ليگ سياسي جلسا حڪمت عملي تحت ڪري رهي آهي، عوام ۾ تاثر پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ڪيس سياسي آهن…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*