پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته سپريم ڪورٽ قانون جي بالادستي قائم ڪري سڀني کي قانون جي دائري ۾ آڻي ڇڏيو آهي

imran khan lahore

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته سپريم ڪورٽ قانون جي بالادستي قائم ڪري سڀني کي قانون جي دائري ۾ آڻي ڇڏيو آهي، پوري قوم سپريم ڪورٽ سان گڏ آهي، شريف ڀائر ملڪ ۾ ڪٿي به جلسو ڪن، اتي ٻئي  ڏينهن تي سندن جلسي کان ٻيڻ تي وڏو جلسو ڪري ڏيکاريندس.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته عابد باڪسر شهبازشريف جي لاءِ جعلي پوليس ڪندا هو، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو هت شهبازشريف ماڻهن کي مارڻ لاءِ پوليس کي حڪم ڏيندو هو.

هن چيو ته عابد باڪسر اعتراف ڪيو ته شهبازشريف جي چوڻ ته هو پوليس مقابلا ڪندو هو. جڏهن شهبازشريف کيس مارڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو فرار ٿي ويو.

عمران خان چيو ته عابد باڪسر اعتراف ڪيو ته هو پنجاب جي وڏي وزير جي حڪم بنا ڪنهن کي به قتل نه ڪندو هو. سبزه زار ۾ به 5 نوجوانن کي پوليس هٿان مارايو ويو.

پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته شريف ڀائر ملڪ جي ڪنهن به شهر ۾ جلسو ڪن، ٻئي ڏينهن تي مان ان کان به وڏو جلسو ڪري ڏيکاريندس.

هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي پوليس ٻين صوبن جي پوليس جيان پوليس مقابلن جي وڌيڪ سگهه رکي ٿي.

عمران خان چيو آهي ته سپريم ڪورٽ قانون جي بالادستي قائم ڪري سڀني کي قانون جي دائري ۾ آڻي ڇڏيو آهي، پوري قوم سپريم ڪورٽ سان گڏ آهي.

تحريڪ انصاف سربراهه چيو ته عاصمه ۽ اسما قتل ڪيس ۾ پوليس پيشيوراڻي طريقي سان ڪم ڪيو، مشال خان قتل ڪيس ۾ به پهريون ڀيرو ٿيو آهي، جو هجوم کي سزا ملي هجي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*