ملتان ۾ تعمير ٿيندڙ عمارت جي ڀت ڪرڻ جي نتيجي ۾ هڪ پورهيت دٻجي فوت ٿي ويو

Multan

ملتان ۾ تعمير ٿيندڙ عمارت جي ڀت ڪرڻ جي نتيجي ۾ هڪ پورهيت دٻجي فوت ٿي ويو، جڏهن ته هڪ شخص زخمي ٿي پيو آهي.

شجاع آباد ريلوي روڊ تي تعمير ٿيندڙ عمارت جي ڀت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ پورهيت اشرف دٻجي فوت ٿي ويو. جڏهن ته هڪ شخص زخمي ٿي پيو.

اطلاع تي رضاڪارن پهچي فوت ٿيل  پورهيت جو مڙهه ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو، جتي زخمي کي طبي امداد ڏني وئي.

ريسڪيو ذريعن موجب، حادثي وقت موجود مزدورن فوري طور  پورهيت کي ملبي مان ڪڍي هڪ پورهيت جي حياتي بچائي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*