ڌاٻيجي ۾ واٽر بورڊ جي رٽائرڊ ملازمن پينشن نه ملڻ ۽ هر مهيني دربدر ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

daiji pention

ڌاٻيجي ۾ واٽر بورڊ جي رٽائرڊ ملازمن پينشن نه ملڻ ۽ هر مهيني دربدر ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جي رٽائرڊ ملازمن ليبر فرنٽ يونين جي اڳواڻ عبدالقيوم ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حبيب بئنڪ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ملازمن چيو ته بئنڪ عملو کين هر مهيني پينشن لاءِ ڏينهن جا ڏينهن در بدر ڪري ٿو، جنهن خلاف لاڳاپيل عملدارن وٽ دانهڻ باوجود ڪير به تدارڪ ڪرڻ وارو نه آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي کين پريشانين کان بچايو وڃي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*