خانپورمھر ويجهو اکين جي نور کان محروم ٽن ٻارڙن بابت ڪي ٽي اين نيوز تي رپورٽ هلڻ جو پ پ ايم اين اي علي گوھر مهر نوٽيس وٺي علاج ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي

khanpur meher

خانپورمھر ويجهو اکين جي نور کان محروم ٽن ٻارڙن بابت ڪي ٽي اين نيوز تي رپورٽ هلڻ جو پ پ ايم اين اي علي گوھر مهر نوٽيس وٺي علاج ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ڳوٺ ميهون ميتلو ۾ پورهيت عبدالله ميتلو جا 3 ٻارڙا اکين جي نور کان محروم آهن، جن ۾ 7 ورهين جي پروين ، 5 ورهين جي صفيه ۽ ٽن ورهين جو ظهير ميتلو شامل آهن.

ٽنهي ٻارڙن بابت ڪي ٽي اين نيوز تي رپورٽ نشر ٿيڻ جو پ پ ايم اين اي علي گوهر مهر نوٽيس وٺي علاج ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

پ پ ايم اين اي جو پرسنل سيڪريٽري علي نواز مهر متاثر خاندان وٽ پهچي ٻارڙن بابت تفصيل معلوم ورتا.

علي نواز مهر چيو ته ٽنهي ٻارڙن جو علاج ڪنهن سٺي اسپتال کان ڪرايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*