خيرپور ۾ آل سنڌ فوتي ڪوٽا ايڪشن ڪاميٽي پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪيو ويو

khairpur foti kota

خيرپور ۾ آل سنڌ فوتي ڪوٽا ايڪشن ڪاميٽي پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪيو ويو.

فوتي ڪوٽا ايڪشن ڪاميٽي جي اميدوارن شيراز قريشي، فهيم ڪلوڙ ۽  ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي.

ان موقعي تي مظاهرين چيو ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان سنڌ حڪومت فوتي ڪوٽا تي عمل نٿي ڪري، جيڪا سندن زيادتي آهي.

هنن چيو ته پوليس، روينيو، ٽريزري، ايريگشن اسڪارپ ۽ ٻين  کاتن ۾ اسان جا والدين نوڪري دوران فوت ٿي ويا آهن، جنهن جي فوتي ڪوٽا تحت سندن آرڊر نه جاري ڪيا ويا آهن.

هنن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته  سمورا مطالبا مڃيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*