پنجاب جي وڏي وزير شهبازشريف چيو آهي ته تبديلي کوکلن نعرن سان نه پر عوام جي خدمت سان ايندي آهي

shahbaz sharef meet ayaz and saad

پنجاب جي وڏي وزير شهبازشريف چيو آهي ته تبديلي کوکلن نعرن سان نه پر عوام جي خدمت سان ايندي آهي، ٻين تي تنقيد ڪندڙن جي پنهنجي ڪارڪردگي زيرو آهي، ڪوڙ،الزام ۽ يوٽرن وٺندڙن کي عوام ڪڏهن معاف نه ڪندو.

لاهور ۾ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سان قومي اسيمبلي اسپيڪراياز صادق ۽ ريلوي واري وفاقي وزير سعد رفيق ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران ملڪ جي موجوده صورتحال سميت سينيٽ چونڊن ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و ئي.

ان موقعي تي شهباز شريف چيو ته تبديلي کوکلن نعرن سان نه پر عوام جي خدمت سان ايندي آهي،

هن چيو ته ٻين تي تنقيد ڪندڙن جي پنهنجي ڪارڪردگي زيرو آهي،

شهبازشريف چيو ته ڪوڙ،الزام ۽ يوٽرن وٺندڙن کي عوام ڪڏهن معاف نه ڪندو.

اسپيڪر اياز صادق چيو آهي ته پنجاب جي ترقي ٻين صوبن لاءِ رول ماڊل آهي، شهباز شريف اڻٿڪ محنت سان منصوبن کي مڪمل ڪيو.

ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو ته شهباز شريف جي دل عوام سان گڏ ڌڙڪندي آهي.

ان کان اڳ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو ته ڌرڻو پارٽي پنهنجي صوبي جي ترقي بدران الزام لڳائي رهي آهي، ان کي ايندڙ اليڪشن ۾ شڪست کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه ملندو.

لاهور ۾ بيان جاري ڪندي پنجاب جي وڏي وزير شهبازشريف چيو ته ڌرڻو پارٽي ڪوڙ ۽ الزام لڳائڻ واري سياست ڪري رهي آهي.

هن چيو ته عمران نيازي ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ الزام لڳائڻ جو عالمي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي. خيبرپختونخواهه جو عوام به ڪوڙ ۽ ناڪاري سياست کان بيزار ٿي چڪا آهن.

شهبازشريف چيو ته تيز رفتار ترقي جي سفر ۾  ڪا به رنڊڪ برداشت نه ڪئي ويندي. ………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*