قصور ۾ زيادتي بعد قتل ڪيل 7 ورهين جي معصوم ٻارڙي جي جوابدار عمران جو ٽرائل جيل ۾ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

qasoor ningri agwa bad qatal

قصور ۾ زيادتي بعد قتل ڪيل 7 ورهين جي معصوم ٻارڙي جي جوابدار عمران جو ٽرائل جيل ۾ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

لاهور جي دهشت گردي ٽوڙ عدالت ۾ نينگري زينب قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جوابدار عمران کي ٻن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ ختم ٿيڻ بعد پيش ڪيو ويو.

پوليس جوابدارعمران جي وڌيڪ ريمانڊ جي استدعا ڪئي، عدالت جوابدار عمران کي 8 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو.

پراسيڪيورٽر جنرل پنجاب احتشام قادر دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ جوابدار عمران جي ٽرائل بابت رپورٽ جمع ڪرائي.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جوابدار 8 ٻارڙن سان زيادتي ڪئي ۽ قتل ۾ ملوث آهي، جوابدار خلاف وڌيڪ ٽرائل جيل ۾ ڪيو وڃي.

واضح رهي ته جوابدارمعصوم نينگري زينب کي قتل ڪرڻ بعد لاش ڪچري جي ڍير تي اڇلايو هو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*