سنڌ سرڪار، 25 مارچ تي ڪراچي ۾ ٿيندڙ پي ايس ايل فائنل ميچ لاءِ سڪيورٽي منصوبو تيار ڪري ورتو آهي

khi psl

سنڌ سرڪار، 25 مارچ تي ڪراچي ۾ ٿيندڙ پي ايس ايل فائنل ميچ لاءِ سڪيورٽي منصوبو تيار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته صوبائي گهرو کاتي، سول ايويئيشن اٿارٽي کان سيڪيورٽي لاءِ 2 هيليڪاپٽر ۽ صحت کاتي کي ڪراچي جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لڳائڻ بابت ڌار ڌار خط لکيا آهن.

صوبائي گهرو کاتي ڪراچي ۾ ٿيندڙ پي ايس ايل جي فائنل ميچ لاءِ سڪيورٽي منصوبو جوڙيندي سول ايويئيشن اٿارٽي کي خط لکي سڪيورٽي لاءِ 2 هيليڪاپٽر گهري ورتا آهن.

خط ۾ ڄاڻايو ويو ته هڪ هيليڪاپٽر سيڪيورٽي جو جائزو وٺڻ ۽ ٻيو ريسڪيو لاءِ استعمال ڪيو ويندو.

گهرو کاتي، صحت کاتي کي به خط لکي پي ايس ايل جي فائنل ميچ جي موقعي تي ڪراچي جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لڳائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

ذريعن موجب پي ايس ايل جي فائنل ميچ جي سيڪيورٽي تي پاڪ فوج ۽ رينجرز اهلڪارن کي پڻ مقرر ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*