ايم ڪيو ايم پاڪستان سربراهه فاروق ستار اڄ شام بهادر آباد ۾ ٿيندڙ اجلاس جي صدارت ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

farooq sattar

ايم ڪيو ايم پاڪستان سربراهه فاروق ستار اڄ شام بهادر آباد ۾ ٿيندڙ اجلاس جي صدارت ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. فاروق ستار چيو آهي ته بهادر آباد ۾ ڳالهيون نه پر اجلاس هوندو، اجلاس ۾ واضح ڪندس ته سرڪاري ملازم رابطا ڪميٽي ۾ نه رهندا ۽ ووٽ نه ڏيندا.

پي آءِ بي ڪالوني ۾ پنهنجي رهائشگاهه ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فاروق ستار چيو ته پارٽي سربراهه جون گهڻيون ذميواريون هونديون آهن، اختيار به اوترا ئي هئڻ گهرجن.

هن چيو ته اڄ اجلاس ۾ واضح ڪندس ته رابطا ڪميٽي ۾ سرڪاري ملازم نه رهندا ۽ کين رابطا ڪميٽي ۾ ووٽ ڏيڻ جو به حق نه هوندو.

فاروق ستار چيو ته بهادر آباد ۾ ڳالهين وارو تاثر غلط آهي، اڄ رڳو اجلاس ئي ٿيندو.

ايم ڪيو ايم پاڪستان سربراهه چيو ته سندس نيت ۾ ڪا به کوٽ ناهي، پارٽي ۾ ڪير به غلط ڪري ڀوڳڻو پارٽي سربراهه کي ئي پوندو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*