ڪي پي ڪي اسيمبلي جي ميمبرز پئسن واري لالچ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، عمران خان

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان نون چونڊيل سينيٽرز کي واڌايون ڏيندي چيو آهي ته ڪي پي ڪي اسيمبلي جي ميمبرز پئسن واري لالچ کي رد ڪري ڇڏيو، پي ٽي آءِ واحد پارٽي آهي، جنهن ميرٽ تي سينيٽ جون ٽڪيٽس جاري ڪيون.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان سينيٽ جي چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ پارٽي جي سينيٽرز کي واڌايون ڏنيون آهن.

عمران خان چيو آهي ته سينيٽ چونڊن دوران هارس ٽريڊنگ جو ماحول ٺهي چڪو هو پر پي ٽي آءِ هارس ٽريڊنگ خلاف آواز اٿاريو.

هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ جي اسيمبلي ميمبرز پئسن جي لالچ کي نظر انداز ڪري ڇڏيو، اميد آهي ته نوان چونڊيل سينيٽر ايوان بالا ۾ عوام جي حقن ۽ جمهوريت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ آواز اٿاريندا.

عمران خان چيو ته تحريڪ انصاف واحد پارٽي آهي، جنهن سينيٽ چونڊن لاءِ ميرٽ تي اميدوارن کي ٽڪيٽون ڏنيون، ٻين پارٽين ڪارڪنن کي نظر انداز ڪري صنعتڪارن کي ٽڪيٽس جاري ڪيون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*