اليڪشن ڪميشن سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊون هلندڙ سال ۾ ڪرائڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو

اليڪشن ڪميشن، سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊون هلندڙ سال 20 سيپٽمبر تائين هڪ ئي مرحلي ۾ ڪرائڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي، سپريم ڪورٽ  ڇانوڻي بورڊ ۾ مڪاني چونڊون 2 مئي تي ڪرائڻ واري اليڪشن ڪميشن جي استدعا رد ڪندي چونڊون 25 اپريل ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 30 مئي تي ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي اسلام آباد ۾ چونڊون ڪرائڻ وارو شيڊول 10 مارچ تي طلب ڪري ورتو آهي.

جسٽس جواد ايس خواجه جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ مڪاني چونڊن ۽ ڪنٽونمينٽ بورڊ ۾چونڊون ڪرائڻ بابت وزيراعظم خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران اليڪشن ڪميشن جي وقتي سيڪريٽري شيرافگن سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي نئون شيڊول پيش ڪيو.

اٽارني جنرل سلمان اسلم بٽ عدالت کي استدعا ڪئي ته کين ڇانوڻي بورڊ ۾ چونڊون ڪرائڻ لاءِ 2 مئي تائين مهلت ڏني وڃي.

عدالت، اليڪشن ڪميشن جي مهلت واري استدعا رد ڪندي حڪم جاري ڪيو ته ڇانوڻي بورڊ ۾ مڪاني چونڊون هلندڙ سال 25 اپريل تي ئي ڪرايون وڃن.

عدالت، اهو به حڪم ڏنو ته خيبرپختونخواهه ۾ مڪاني چونڊون 30 مئي تي ئي ڪرايون وڃن.

سپريم ڪورٽ، اسلام آباد ۾ چونڊون ڪرائڻ وارو شيڊول 10 مارچ تي پيش ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو آهي.

عدالت، سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ بابت شيڊول ۾ تاريخ واضح نه هئڻ تي اعتراض واريا آهن،جسٽس جواد ايس خواجه ريمارڪس ڏنا ته مڪاني چونڊن ۾ هڪ ڏينهن به دير برداشت نه ڪئي ويندي، وضاحت ڪيو ته شيڊول ۾ تاريخ ڇو ناهي ڏني وئي.

 ڪيس جي ٻڌڻي وقفي کانپوءِ شروع ٿي ته اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته هو سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊون 20 سيپٽمبر تائين هڪ ئي مرحلي ۾ ڪرائڻ لاءِ تيار آهن.

عدالت، اليڪشن ڪميشن کي حڪم ڏنو ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن واري شيڊول تي نظرثاني ڪري 10 مارچ تي لکت ۾ پيش ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*