پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته صاف پاڻي سان گڏ انصاف جي به ضرورت آهي

rana sana ullah

پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته صاف پاڻي سان گڏ انصاف جي به ضرورت آهي، عدالتي فيصلن کي سياست لاءِ استعمال نه ڪرڻ گهرجي، اسان هميشه عدليا جي فيصلن تي عمل ڪيو آهي، اميد آهي ته معاشري ۾ انصاف جي فراهمي کي ممڪن بڻايو ويندو.

لاهور ۾ سپريم ڪورٽ رجسٽري ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته هر معاشري ۾ عدليا جو احترام تمام گهڻو ضروري آهي.

هن چيو ته ڪجهه عنصر عدليا جي فيصلن کي سياست لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن.

پنجاب جي قانوني واري وزير چيو ته عدالتي فيصلن تي سياست لاءِ استعمال نه ڪرڻ گهرجي، اميد آهي ته معاشري ۾ انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو.

راڻا ثناءُ الله چيو ته صاف پاڻي جيان انصاف جي فراهمي به ضروري آهي، اسان هميشه عدليا جي فيصلن تي عمل ڪيو آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*