سنڌ جي اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو آهي ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ شديد ٿي وئي آهي

Zulfiqar-Mirza-Badin

سنڌ جي اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو آهي ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ شديد ٿي وئي آهي، پر ان جي باوجود  سنڌ جومخصوص ٽولو پاڻي چوري ڪري رهيو آهي.

پنگريو ۾مختلف هنڌن تي ميڙاڪن کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا وڌيڪ چيو ته دهشتگردن تان ڪيس ختم ڪيا ويا آهن، پر مون تي ۽ منهنجي حامين تي اڃان تائين ڪيس هلي رهيا آهن.

هن وڌيڪ چيو ته جي ڊي اي واحد پليٽ فارم آهي، جيڪو مخالف ڌر جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جو چوڻ هو ته جيڪڏهن جي ڊي اي طرفان  ايم ڪيو ايم يا پرويز مشرف سان اتحاد ڪيو ويو ته هو جي ڊي اي کان ڌار ٿي ويندو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*