پنجاب جي وڏي وزير شهبازشريف سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري کي ٽن مهينن اندر پاڻي فراهمي ۽ واٽر ٽريٽمنٽ بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي

lahore-supreme-court

پنجاب جي وڏي وزير شهبازشريف سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري کي ٽن مهينن اندر پاڻي فراهمي ۽ واٽر ٽريٽمنٽ بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي، شهباز شريف چيو آهي ته جمهوريت جي استحڪام ۽ ملڪي بقا لاءِ عدليه جي آزادي ضروري آهي، چيف جسٽس چيو ته اها سوچ اوهان جي پارٽي ۾ به هجڻ گهرجي.

سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ پنجاب ۾ صاف پاڻي جي فراهمي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا.

پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف، قانون وارو وزير راڻا ثناءُ الله، بيگم، ذڪيا شاهنواز، خواجا احمد حسان، چيف سيڪريٽري پنجاب، آءِ جي ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ پيش ٿيا.

شهباز شڙيف جي آمد تي چيف جسٽس کيس مخاطب ٿيندي چيو ته عدالت ۾ اچڻ تي اوهان کي ڀليڪار چئون ٿا،اوهان وڏي وزير جي حيثيت سان پيش ٿي سٺي روايت قائم ڪئي.

چيف جسٽس، پنجاب جي وڏي وزير سان مخاطب ٿيندي چيو ته شهبازشريف صاحب، اوهان عام ماڻهو آهيون ۽ عوام ڏانهن اوهان کي وڃڻو آهي، اوهان عوام کي ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهيو ٿا، اوهان عوامي شخصيت بڻجو ۽ عوام ۾ وڃو.

چيف جسٽس ثاقب نثار پڇاڻو ڪيو ته ڇا ڪمپنيون درست نموني ڪم ڪري رهيون آهن، جنهن تي شهبازشريف چيو ته مسئلن جي خاتمي لاءِ اهو اڻٿڪ ڪم ڪري رهيا آهن.

شهبازشريف عدالت کي ٻڌايو ته عوامي ڀلائي لاءِ ڪيترائي منصوبا شروع ڪيا آهن، سرڪاري اسپتالن مان گدلاڻ صاف ڪرڻ لاءِ پلانٽس لڳايا آهن.

چف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته اسپتالن مان گند صاف ڪرڻ جو ڪم خانگي ڪمپنين کي ڇو ڏنو ويو، جنهن تي شهبازشريف چيو ته حڪومت عوامي ڀلائي لاءِ ميگا پراجيڪٽس ۾ اربين رپيا بچايا آهن.

چيف جسٽس ثاقب نثار

عدالت شهبازشريف کان صاف پاڻي جي فراهمي بابت رپورٽ طلب ڪئي، جنهن تي پنجاب جي وڏي وزير ٽن مهينن اندر صاف پاڻي جي فراهمي ۽ واٽر ٽريٽمنٽ بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.

شهباز شريف چيو آهي ته جمهوريت جي استحڪام ۽ ملڪي بقا لاءِ عدليه جي آزادي ضروري آهي،

چيف جسٽس چيو ته اها سوچ اوهان جي پارٽي ۾ به هجڻ گهرجي. اوهان جي سهڪارسان عوامي مسئلا ختم ڪرڻ چاهيون ٿا…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*