ناليواري قانوندان ۽ انساني حقن جي علمبردار عاصمه جهانگير جي تدفين سڀاڻي ڪئي ويندي

asma jhangeer

ناليواري قانوندان ۽ انساني حقن جي علمبردار عاصمه جهانگير  جي تدفين سڀاڻي ڪئي ويندي، پنجاب ۾ وڪيلن پاران اڄ سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

گذريل ڏينهن ناليواري قانون دان ۽ انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ عاصمه جهانگير 66 ورهين جي ڄمار ۾ دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي وئي هئي.

عاصمه جهانگير جي لاڏاڻي تي اڄ سڄي پنجاب ۾ وڪيلن پاران سوڳ جو اعلان ڪيو  ويو آهي، جڏهن ته وڪيلن پاران عدالتي ڪاررواين جو به بائيڪاٽ ڪيو  ويو آهي.

نامياري قانون دان عاصمه جهانگير جي جنازي نماز سڀاڻي لاهور ۾ قذافي اسٽيڊيم ويجهو ادا ڪئي ويندي،

عاصمه جهانگير جي لاڏاڻي تي سندس وارثن سان سياسي، سماجي اڳواڻن پاران تعزيت ڪرڻ جو به سلسلو جاري آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*