ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ برفباري کانپوءِ ٿڌ ۾ واڌ اچي وئي آهي، موسميات کاتي موجب، برسات ۽ برفباري سبب ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ ٿڌ ۾ واڌ ٿي

rain

ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ برفباري کانپوءِ ٿڌ ۾ واڌ اچي وئي آهي، موسميات کاتي موجب، برسات ۽ برفباري سبب ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ ٿڌ ۾ واڌ ٿي.

پنجاب ۾ لاهو ر سميت مختلف علائقن ۾ برسات کانپوءِ ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي آهي،

ملتان، لاهور، فيصل آباد سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ به ملڪ جي مٿاهين علائقن ۾ برسات کانپوءِ ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي.

مري، گلگت، چترال، بلتستان، آزاد ڪشمير سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ برفباري کان پوءِ ٿڌ ۾ اضافو ٿي ويو آهي، جڏهن ته نٿيا گلي ۾ به برف سبب ماڻهو ڏکيائن کي منهن ڏئي رهيا آهن.

پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي مختلف شهرن ۾ برسات کانپوءِ ٿڌ ۾ واڌ اچي وئي آهي، پهاڙن تي برفباري کانپوءِ سياحن به انهن علائقن جو رخ ڪيو آهي.

وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد، لاهور، گوجرانوالا، ميانوالي، بهاولپور سميت پنجاب جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ۽ ڪٿي تيز برسات ٿي.

مري ۾ گذريل ڏينهن کان هلڪي برفباري جو سلسلو جاري آهي ۽ نٿيا گلي سميت گليا جي مٿاهين علائقن ۾ 18 انچ برف باري ٿي، جڏهن ته زيارت ۾ ڏيڍ فٽ تائين برفباري رڪارڊ ڪئي وئي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*