ساماري ۾ تعلقي اسپتال جي عملي ڳورهاري عورت کي اسپتال مان ڪڍي ڇڏيو، عورت اسپتال جي مين گيٽ آڏو جهنگ ۾ ٻار کي جنم ڏنو

samaro

ساماري ۾ تعلقي اسپتال جي عملي ڳورهاري عورت کي اسپتال مان ڪڍي ڇڏيو، عورت اسپتال جي مين گيٽ آڏو جهنگ ۾ ٻار کي جنم ڏنو.

ڳوٺ  نظير جان سرهندي جي رهواسڻ گنگا زال رامچند ڪولهي کي ويم لاءِ رات جو تعلقي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي صبح اسپتال جي عملي ويم ڪرائڻ بدران عورت کي اسپتال مان ڪڍي ڇڏيو.

وارث عورت کي واپس وٺي وڃي رهيا هئا ته هن اسپتال جي گيٽ ۽ مک روڊ ڀرسان ديوين جي ننڊي جهنگ ۾ پٽ کي جنم ڏنو.

وارثن تعلقي اسپتال جي گيٽ تي اسپتال انتظاميا خلاف احتجاج ڪيو.

  ان موقعي تي عورت جي مڙس رامچند  دانهيندي چيو ته اسپتال جي عملي کين چيو ته عورت جو هتي علاج نه ٿيندو کيس کڻائي وڃو.

هن چيو ته گنگا کي تمام گهڻي تڪليف هئي، عملي کي منٿون ڪيون، پر اسپتال جي عملي هڪ به نه ٻڌي ۽  زبردستي اسپتال مان ڪڍي ڇڏيو.

هن چيو ته گنگا کي واپس ڳوٺ  وٺي وڃڻ لاءِ اسپتال جي گيٽ آڏو سواري جو انتظار ڪري رهيا سين ته گنگا جي حالت خراب ٿي وئي ۽ هن اتي ئي ننڍي جهنگ ۾ ٻار کي جنم ڏنو.

جڏهن ته ان دوران ماڻهن جو وڏو تعداد  اسپتال ٻاهران پهچي ويو،جن اسپتال عملي خلاف احتجاج ڪندي ڪارروائي جو مطالبو ڪيو…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*