سنڌ جي وڏي وزيرسيد مراد علي شاهه، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي خط لکي

cm

سنڌ جي وڏي وزيرسيد مراد علي شاهه، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي خط لکي سماجي ۽ وڪيل اڳواڻ عاصمه جهانگير جي تدفين سرڪاري اعزاز سان ڪرائڻ جي گهر ڪئي آهي.

وزيراعظم شاهه خاقان عباسي کي اماڻيل خط ۾ مراد علي شاهه چيو ته عاصمه جهانگير، وڪيلن جي تحريڪ ۽ انسان حقن جي جاکوڙ لاءِ ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪيو، جنهن کي وساري نٿو سگهجي.

سنڌ جي وڏي وزير، وزيراعظم کي چيو ته عاصمه جهانگير جي لاڏاڻي تي سنڌ سرڪار هڪ ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي، وفاقي سرڪار به سندس تدفين سرڪاري اعزاز سان ڪرائي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*