نواز ليگ اڳواڻ ۽ مملڪتي وزير عابد شير علي چيو آهي ته نواز شريف ڪڏهن به ادارن تي تنقيد ناهي ڪئي

Abid-Sher-Ali-51116

نواز ليگ اڳواڻ ۽ مملڪتي وزير عابد شير علي چيو آهي ته نواز شريف ڪڏهن به ادارن تي تنقيد ناهي ڪئي، رائو انوار جي گرفتاري لاءِ زرداري هائوس تي ڇاپو هنيو وڃي، شهباز شريف ڪڏهن سياسي مقصد لاءِ ڪنهن کي مارڻ جو نه چيو.

فيصل آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عابد شير علي چيو ته نواز شريف ڪڏهن به ادارن تي تنقيد ناهي ڪئي،

هن چيو ته نواز ليگ هميشه عوام جي خدمت ڪئي آهي، نواز شريف جي قيادت ۾ رڪارڊ ترقياتي منصوبا مڪمل ٿيا.

مملڪتي وزير چيو ته رائو انوار جي گرفتاري لاءِ زرداري هائوس تي ڇاپو هنيو وڃي ته هو هٿ اچي ويندو.

هن چيو ته  رائوانوارآصف زرداري جي چو ڻ تي سڀ ڪجهه ڪيو، سندس خلاف ڪارروائي ڇو نٿي ڪئي وڃي،

نواز ليگ اڳواڻ چيو ته عابد باڪسر آصف علي زرداري ۽ پرويز مشرف جي حڪومت ۾ ڪٿي هو؟، شهباز شريف ڪڏهن سياسي مقصد لاءِ ڪنهن کي مارڻ جو نه چيو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*