اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته عاصمه جهانگير هميشه مخلص مشورا ڏيندي هئي

nawaz sharif and maryam nawaz

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته عاصمه جهانگير هميشه مخلص مشورا ڏيندي هئي، سندس انساني حقن ۽ جمهوريت لاءِ ڪيل خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون. مريم نواز چيو آهي ته عاصمه جهانگير جو لاڏاڻو جمهوريت ۽ انساني حقن لاءِ وڏو نقصان آهي.

اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف پنهنجي ڌيءُ مريم نواز سان گڏ عاصمه جهانگير جي گهر پهتو.

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف عاصمه جهانگير جي لاڏاڻي تي سندس وارثن سان تعزيت ڪئي، ان موقعي تي اٽارني جنرل اشتر اوصاف ۽ ٻيا به موجود هئا.

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو ته ڪالهه جڏهن عاصمه جهانگير سان فون تي ڳالهه ٿي، سندس آواز بلڪل ٺيڪ هو.

هن چيو ته عاصمه جهانگير مخلص صلاح مشورا ڏيندي هئي، هوءَ انساني حقن ۽ جمهوريت لاءِ ڪيل خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون.

نوازشريف چيو ته عاصمه جهانگير دنيا تمام وڏو نالو ڪمائي وئي، هوءَ هميشه انسانيت لاءِ ڪم ڪيو.

ان موقعي تي مريم نواز چيو ته عاصمه جهانگيرجولاڏاڻوجمهوريت ۽ انساني حقن لاءِ وڏو نقصان آهي.

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي ڌيءُ چيو ته سچ ڳالهائڻ کي تنقيد جو نالو نه ڏنو وڃي.

مريم نواز چيو ته عاصمه جهانگير مظلومن جو آواز هئي، جيڪو هاڻ خاموش ٿي ويو. ……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*