سپريم ڪورٽ ايل اين جي معاهدي خلاف شيخ رشيد جي درخواست رد ڪندي درخواستگذار کي نيب سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي

Shaikh-rasheed-20417

سپريم ڪورٽ ايل اين جي معاهدي خلاف شيخ رشيد جي درخواست رد ڪندي درخواستگذار کي نيب سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ ايل اين جي معاهدي ۾ مبينا ڪرپشن ۽ وزيراعظم جي نااهلي لاءِ درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڪهڙي آرٽيڪل تحت اوهان وزيراعظم جي نااهلي گهرون ٿا؟، ايل اين جي خريد ۽ وڪري بابت شڪايت آهي ته نيب وٽ وڃو.

شيخ رشيد جي وڪيل لطيف کوسا دليل ڏيندي چيو ته حڪومت اختيارن جو غلط استعمال ڪري رهي آهي، عدالتي حڪمن جي سنگين ڀڃڪڙي  ٿي رهي آهي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته قومي مفادن کي ڏسڻ لاءِ  ادارا قائم ڪيا ويا آهن، اسان کي يقين آهي ته نيب آزاد ادارو آهي.

جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته نيب لاڳاپيل ماڻهن کي طلب ڪري سگهي ٿو.

چيف جسٽس، شيخ رشيد جي وڪيل کي صلاح ڏيندي چيو ته اهو معاملو توهان نيب وٽ کڻي وڃو.

عدالت دليل ٻڌڻ بعد شيخ رشيد جي درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ درخواستگذار کي نيب سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*