بلوچستان سان مرڪزي سياسي پارٽين جو رويو صحيح نه آهي، اختر مينگل

بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر جان محمد جمالي ۽ بي اين پي مينگل جي سربراهه سردار اختر مينگل مرڪزي سياسي پارٽين جي بلوچستان سان روئي جي شڪايت ڪندي چيو آهي ته 18 هين آئيني ترميم بلوچستان لاءِ لالي پاپ آهي.

گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي اختر مينگل چيو ته بلوچستان سان مرڪزي سياسي پارٽين جو رويو صحيح نه آهي.

هن چيو ته کين اهڙا عهدا نه گهرجن جن ۾ اختيار نه هجن، جڏهن ته ارڙهين آئيني ترميم بلوچستان لاءِ لالي پاپ آهي.

بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر جان محمد جمالي چيو ته هاڻي بلوچستان ۾ پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻا پوندا.

هن چيو ته وسيلن کي استعمال ڪرڻ جو اختيار صوبن کي هجڻ گهرجي، اسلام آباد جي خوبصورتي ۾ رهندڙن کي بلوچستان جي ويراني ڪڏهن به نظر نه آئي آهي.

جان محمد جمالي جو چوڻ هو ته سينيٽ چونڊن ۾ اصولن خاطر دوستن جو ساٿ ڏنو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*