سپريم ڪورٽ عاصمه جهانگير جي وفات سبب طلال چوڌري کي نئين وڪيل ڪرڻ جي مهلت ڏيندي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي

talal chodhary

سپريم ڪورٽ عاصمه جهانگير جي وفات سبب طلال چوڌري کي نئين وڪيل ڪرڻ جي مهلت ڏيندي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

سپريم ڪورٽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ مملڪتي وزير طلال چوڌري خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس اعجاز  افضل جي سربراهي ۾ جسٽس مقبول باقر ۽ جسٽس فيصل عرب تي ٻڌل ٽه رڪني بينچ ٻڌڻي ڪري رهي آهي.

ان موقعي تي طلال چوڌري عدالت کي ٻڌايو ته سندس وڪيل عاصمه جهانگير فوت ٿي وئي آهي، جنهن سبب عدالت ٻيو وڪيل ڪرڻ جي مهلت  ڏئي.

جنهن تي عدالت مملڪتي وزير جي استدعا منظور ڪندي کيس نئون وڪيل ڪرڻ جي مهلت ڏني ۽ ڪيس جي ٻڌڻي 19 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پيشي وقت طلال چوڌري صحافين جي سوال تي خاموشي اختيار ڪئي ۽ ڪو به جواب نه ڏنو.

واضح رهي ته پهرين فيبروري تي عدليا خلاف تقريرون ڪرڻ تي چيف جسٽس طلال چوڌري خلاف نوٽيس جاري ڪيو هو…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*