ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ مارجي ويل نوجوان انتظار جي قتل ڪيس عدالت جاچ آفيسر کي چالان جمع ڪرائڻ لاءِ ستن ڏينهن جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي

intezar case

ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ مارجي ويل نوجوان انتظار جي قتل ڪيس عدالت جاچ آفيسر کي چالان جمع ڪرائڻ لاءِ ستن ڏينهن جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي، جاچ آفسير عدالت کي آگاهي ڏني ته معاملي جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي وئي آهي.

ڪراچي ۾ جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾انتظار  قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر چالان پيش ڪرڻ لاءِ عدالت کان ستن ڏينهن جي مهلت گهري.

جاچ آفيسر عدالت کي آگاهي ڏني ته انتظار قتل ڪيس جي جاچ لاءِ جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم جوڙي وئي آهي، جلد ئي جاچ مڪمل ڪري چالان پيش ڪيو ويندو.

عدالت جاچ آفيسر جي اهڙي درخواست منظور ڪندي ٻڌڻي ستن ڏينهن جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*