سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته لوڌران جي ماڻهن انتشار جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو

mariyam oranzaib

سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته لوڌران جي ماڻهن انتشار جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو، لوڌران چونڊن ۾ ڪاميابي نوازشريف جي ووٽ جي تقدس جي تحريڪ جي فتح آهي.

احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي  2018ع جي اليڪشن جو چنڊ لوڌران کان نڪتو آهي،

هن چيو ته لوڌران جي ماڻهن الزامن، ڪوڙ ۽ فساد جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي، لوڌران جي ڪاميابي نوازشريف جي ووٽ جي تقدس واري تحريڪ جي فتح آهي.

مملڪتي وزير چيو ته عوام ڏسي رهي آهي ته نوازشريف جي نااهليت، اهليت ۾ تبديل ٿي رهي آهي.

هن چيو ته عوام فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي ته ووٽ رڳو ڪارڪردگي ۽ عوامي خدمت تي ڏنو ويندو.

مريم اورنگزيب چيو ته عوام کي خبر آهي ته ڪير قومي ادارن جي ڪنٽينرن تي چڙهي گاريون ڏئي پيو ۽ ڪير ادارن جي مضبوطي ۽ عوامي خدمت تي يقين رکي ٿو.

سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير چيو ته 2013 ع ۾ مسلم ليگ ن پنهنجي منشور جو واعدو ڪيو هو، لوڌران جي عوام نوازشريف جي قيادت تي ڀرپور اعتماد ڪيو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*