پنجاب اسيمبلي صوبي ۾ ننڍي عمر ۾ ٻارڙين جي شادين خلاف ترميمي بل اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو

پنجاب اسيمبلي صوبي ۾ ننڍي عمر ۾ ٻارڙين جي شادين خلاف ترميمي بل اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو آهي، بل تحت ننڍي عمر ۾ شادي ڪرائيندڙ والدين کي 6 مهينا قيد جي سزا ڪاٽڻ سان گڏ 50 هزار ڏنڊ ادا ڪرڻو پوندو، نڪاح پڙهائيندڙ مولوين کي به سزا ملندي.

پنجاب اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر علي شير گورچاڻي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو.

اجلاس ۾ پرائيوٽ ميمبر پاران ٻارڙين جي ننڍي عمر ۾ شادي خلاف ترميمي بل پيش ڪيو، جنهن کي ايوان اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو.

بل تحت ننڍي عمر ۾ ٻارڙين جي شادي ڪرائيندڙن والدين کي قيد جي سزا هڪ مهيني مان وڌائي 6 مهينن تائين ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڏنڊ پڻ هڪ هزار مان وڌائي 50 هزارن تائين ڪيو ويو آهي.

ترميمي بل تحت ننڍي عمر جي ٻارڙين جو نڪاح پڙهائيندڙ مولوين کي به ملندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*