سينيٽ جي ڪارروائي عاصمه جهانگير بابت تعزيتي ريفرنس لاءِ مخصوص ڪئي وئي

senate

سينيٽ جي ڪارروائي عاصمه جهانگير بابت تعزيتي ريفرنس لاءِ مخصوص ڪئي وئي، عثمان ڪاڪڙ چيو آهي ته عاصمه جهانگير مذهبي تنگ نظري خلاف جاکوڙيو، هو انساني حقن جي چئمپين هئي، سينيٽر جاويد عباسي چيو آهي ته عاصمه جهانگير هميشه آئين جي بالادستي ۽ آزاد عدليا لاءِ جدوجهد ڪئي.

پريزائيڊنگ آفيسر سينيٽر ڪلثوم پروين جي صدارت هيٺ سينيٽ جو اجلاس ٿيو، اجلاس جي صدارت بعد ۾ سينيٽر طاهر مشهدي سنڀالي.

عاصمه جهانگير جي لاڏاڻي سبب اڄ سينيٽ جي اجلاس جي ايجنڊا معطل ڪئي وئي ، جڏهن ته ڪارروائي عاصمه جهانگير بابت تعزيتي ريفرنس لاءِ مخصوص ڪئي وئي.

لاهور ۾ شام جي وقت عاصمه جي جنازي جنازي نماز سبب اجلاس جي ڪارروائي صبح جي وقت  ٿي،

سينيٽراعظم موسيٰ خيل چيوته عامه جهانگير جدوجهد جي علامت هئي،   هو آمريت خلاف جمهوريت جي علامت هئي.

اعظم موسيٰ خيل چيو ته عاصمه جهانگير هميشه مظلوم عوام جي حقن جي آواز کي بلند ڪيو.

اعظم موسي خيل چيو ته عاصمه جهانگير کي سندس خدمتن سبب ستاره امتياز ۽ بلال امتياز سان نوازيو ويو.

ان موقعي تي سينيٽر الياس بلور چيو ته عاصمه جهانگير جهڙيون عورتون روز روز جنم نه وٺنديون آهن، هو پهرين عورت هئي، جيڪا سپريم ڪورٽ بار جي صدر بڻي.

الياس بلور چيو ته عاصمه جهانگير جو خال صدين تائين ڀرجي نه سگهندو.

سينيٽر جاويد عباسي چيو ته عاصمه جهانگير نسلي، لساني پيشي ۽ مذهب جي بنياد تي ڪڏهن به  ڪنهن سان امتيازي ورتاءُ نه ڪيو.

سينيٽر سحر ڪامران چيو ته عاصمه جهانگير هميشه آئين جي بالادستي ۽ آزاد عدليا لاءِ جدوجهد ڪئي. سندس نالو دستور گلي ۾ شامل ڪيو وڃي.

سينيٽر سحر ڪامران چيو ته عدليا جي بحالي هجي يا جمهوريت جي، عاصمه جهانگيرپهرين صف ۾ هوندي آهي.

 سينيٽر عثمان ڪاڪڙ چيو ته عاصمه جهانگير کي سندس خدمتن سبب سخت تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو.

سينيٽر عثمان ڪاڪڙ چيو ته آمرن، غدارن ۽ نام نهاد عالمن عاصمه جهانگير کي ڪافر قرار ڏنو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*