اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته حڪومت جو مدو پورو ٿيڻ ۾ 3 مهينا رهجي ويا

khursheed shah

اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته حڪومت جو مدو پورو ٿيڻ ۾ 3 مهينا رهجي ويا، نگران وزيراعظم جي نالي تي مشاورت شروع ٿيڻ گهرجي، اڃا تائين ڪا مشاورت ناهي ٿي، عوام نگران وزيراعظم لاءِ سٺن ماڻهن جا نالا تجويز ڪري.

نگران وزيراعظم ڪير ٿيندو، اپوزيشن ليڊر آئيني ذميواريون نڀائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو آهي. خورشيد شاهه نگران وزيراعظم لاءِ عوام کان به نالا گهري ورتا آهن .

خورشيد شاهه چيو ته جيڪو به سٺو نالو هجي، اهو ڏنو وڃي، اسان مشاورت ۾ ان جي نالي تي غور ڪنداسين.

هن چيو ته نگران وزيراعظم لاءِ وزيراعظم سان مشاورت نه ٿي آهي. رڳو ٽي مهينا رهجي ويا آهن، مشاورت ڪرڻ ضروري آهي.

اپوزيشن ليڊر چيو ته وزيراعظم طرفان هن وقت تائين ڪو به رابطو نه ٿيو آهي، نگران وزيراعظم جي مقرري اهم ذميواري آهي.

خورشيد  شاهه چيو ته نگران وزيراعظم جا اختيار آئين ۾ واضح آهن. کيس رڳو روزاني وارا معاملن واري حڪومت هلائڻي پوندي آهي.

اين اي 154 لوڌران ۾ تحريڪ انصاف جي شڪست تي رد عمل ظاهر ڪندي خورشيد  شاهه چيو ته عوام ووٽ ذريعي پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي.

هن چيو ته لوڌران سيٽ پهريون ڀيرو تحريڪ انصاف کي ملي،

اپوزيشن ليڊر چيو ته عمران خان جو موقف هو ته موروثي سياست ختم ٿيڻ گهرجي پر عمران خان ان جي ابتڙ پاڻ به موروثي سياست تي عمل ڪيو.

خورشيد شاهه چيو ته ايندڙ چونڊن کانپوءِ سياست لاءِ نوان رستا کلي ويندا…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*