قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق سان جرمن سفير مسٽر مارٽن ڪابلر ۽ فيڊرل اڪيڊمگي آف سيڪيورٽي پاليسي آف جرمن جي وفد جي ڌار ڌار ملاقات ڪئي

Ayaz-Sadiq-191017

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق سان جرمن سفير مسٽر مارٽن ڪابلر ۽ فيڊرل اڪيڊمگي آف سيڪيورٽي پاليسي آف جرمن جي وفد جي ڌار ڌار ملاقات ڪئي.اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان جرمني سان دوستاڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو ۽ پارلياماني ۽ اقتصادي رابطن کي هٿي ڏياري وڌيڪ مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق سان جرمن سفير مسٽر مارٽن ڪابلر ۽ فيڊرل اڪيڊمگي آف سيڪيورٽي پاليسي آف جرمن جي وفد جي ڌار ڌار ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن، گڏيل دلچسپي وارن معاملن سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ان موقعي تي اياز صادق چيو ته پاڪستان جرمني سان دوستاڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو ۽ پارلياماني ۽ اقتصادي رابطن کي هٿي ڏياري وڌيڪ مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته پاڪستان عالمي امن ۽ خوشحالي لاءِ هميشه دنيا سان گڏ بيٺل رهيو آهي.

اياز صادق چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ۽ عوام بي مثال قربانيون ڏنيون آهن.

هن چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ مختلف شعبن ۾ گڏيل سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪيترائي موقعا موجود آهن.

سردار اياز صادق چيو  ته ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ ٻنهي ملڪن جي عوام کي ويجهو آڻڻ ۽ هم آهنگي  کي هٿي ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.

جرمن سفير چيو ته جرمني پاڪستان کي پنهنجو دوست ۽ اقتصادي ڀائيوار سمجهندو آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*