ناليواري قانوندان ۽ پيڙهيل طبقي جي ترجمان عاصمه جهانگير جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي آهي

asma jhangeer janaza

ناليواري قانوندان ۽ پيڙهيل طبقي جي ترجمان عاصمه جهانگير جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي آهي.

ناليواري قانوندان ۽ سماجي اڳواڻ عاصمه جهانگير جي جنازي نماز قذافي اسٽيڊيم ۾ ادا ڪئي وئي.

جنازي نماز کانپوءِ مروحومه جي مغفرت لاءِ دعا به گهڙي وئي، جنهن بعد ميت کي آخري آرام آگاهه ڏانهن ايمبولينس ذريعي روانو ڪيو ويو.

جنازي نماز ۾ سينيٽ چيئرمين رضا رباني، پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي، چيف جسٽس لاهور هائيڪورٽ، بيريسٽر اعتزاز احسن ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي .

ٻئي طرف عالمي سطح تي به عاصمه جهانگير کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي،

گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوٽريس پاران ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي.

سينيٽ جي اڄوڪي ڪارروائي عاصمه جهانگير بابت تعزيتي ريفرنس لاءِ مخصوص ڪئي وئي، جڏهن ته سينيٽرز پاران کيس زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ويو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*