ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڦاهي جي سزا ٻڌايل ٻن قيدين جي ڦاهي تي عملدرآمد روڪڻ لاءِ درخواست رد ڪري ڇڏي

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڦاهي جي سزا ٻڌايل ٻن قيدين جي ڦاهي تي عملدرآمد روڪڻ لاءِ درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ موت جي سزا ڪاٽيندڙ افضل ۽ فيصل جي ڦاهي تي عملدرآمد روڪڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران درخواست گذار عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته جوابدارن کي مقتول جي وارثن خون معاف ڪري ڇڏيو آهي، تنهن ڪري ڦاهي جي سزا تي عملدرآمد روڪيو وڃي.

عدالت جوابدارن ڦاهي تي عملدرآمد روڪڻ واري درخواست رد ڪندي ريمارڪس ڏنا ته دهشتگردي ايڪٽ تحت موت جي سزا ڪاٽيندڙ جوابدارن کي فوري طور معاف نٿو ڪري سگهجي.

عدالت آءِ جي جيل کي ٻيهر جوابدارن جا بليڪ وارنٽ حاصل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

واضح رهي ته 1998 ۾ جوابدارن کي نوجوان عبدالجبار جي قتل ڪيس ۾ ڦاهي جي سزا ٻڌائي وئي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*