سپريم ڪورٽ اٽارني جنرل جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد آرٽيڪل 62 ون ايف ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو

supreme court

سپريم ڪورٽ اٽارني جنرل جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد آرٽيڪل 62 ون ايف ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو، اٽارني جنرل اشتر اوصاف عدالت کي ٻڌايو ته آئين آرٽيڪل 62 ون ايف تحت نااهلي جو مدو طئي ناهي ڪيو ويو، نااهلي جو داغ ڪنهن جي مرڻ کانپوءِ به رهندو اهي، جنهن تي جسٽس اعجاز الحسن ريماڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي ڏوهه ۾ سزا ملي ته  به اهو داغ رهندو آهي؟

سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ جسٽس عظمت سعيد شيخ، جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس سجاد علي شاهه تي ٻڌل 5 رڪني لارجر بينچ آرٽيڪل 62 ون ايف بابت داخل درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل اشتر اوصاف دليل ڏيندي چيو ته پارليامينٽ طرفان قانون سازي ٿيڻ تائين نااهلي برقرار رهندي، نااهلي جو داغ ان شخص جي موت تائين برقرار نه رهندي.

جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏيندي چيوته نااهلي جو داغ ختم ٿيڻ بنا نااهلي تاحيات رهندي.

جنهن تي چيف جسٽس، جسٽس ميان ثاقب نثار پڇاڻو ڪيو ته ڇا ناهال شخص ڊيڪليئريشن بعد اليڪشن وڙهي سگهي ٿو؟

اٽارني جنرل اشتر اوصاف چيو ته نااهلي جو مدو طئي ڪرڻ وارو معاملو ڪيس ٽو ڪيس هئڻ گهرجي. جيستائين ڪنهن به عدالت جي ڊيڪليريشن نه اچي وڃي، تيستائين نااهلي برقرار رهندي.

اٽارني جنرل چيو ته آرٽيڪل 62 ون ايف ۾ نااهلي جو مدو طئي ناهي ڪيو ويو، ڇا نااهلي جو داغ غير امين ۽ غير ايماندار شخص کانپوءِ به برقرار رهندو؟

چيف جسٽس چيو ته ڇا عدالت نااهلي جو فيصلو ڏيڻ وقت مدو طئي ڪندي؟ جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته ريٽرننگ آفيسر عدالتي گائيڊ لائن تي نااهلي جو مدو طئي ڪري سگهي ٿي.

جسٽس عظمت سعيد پڇاڻو ڪيو ته ڇا ڊيڪليريشن وقت سان گڏ پاڻ ئي ختم ٿي  ويندي. جنهن تي اٽارني جنرل اشتر اوصاف چيو ته ڊيڪليريشن پاڻ ختم نٿو ٿي سگهي.

جسٽس اعجاز الاحسن پڇاڻو ڪيو هت ڇا نااهلي جو مدو طئي ڪرڻ لاءِ نئين ترميم ته نه ڪرڻي پوندي؟ جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته مدوطئي ڪرڻ لاءِ ترميم ضروري آهي، هي معاملو پارليامينٽ کي ئي حل ڪرڻ گهرجي.

عدالت اٽارني جنرل جا دليل ٻڌڻ بعد ناهلي جو مدو طئي ڪرڻ واري ڪيس تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو مناسب وقت تي ٻڌايو ويندو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*