ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ برفباري کانپوءِ ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي آهي

america and frnace snoww

ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ برفباري کانپوءِ ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي آهي، اپر هزاره ڊويزن ۾ ٻن ڏينهن جي برفباري کانپوءِ رستا کولڻ جو ڪم به شروع ڪيو ويو آهي.

اپر هزاره ڊويزن ۾ ٻن ڏينهن کانپوءِ برفباري ۽ برسات جو سلسلو به بند ٿي ويو آهي. جڏهن ته موسم بهتر ٿيڻ بعد روڊن کي کولڻ جو ڪم به شروع ڪيو ويو آهي.

اپر هزاره ڊويزن ۾ موسم بهتر ٿي رهي آهي، ناران ۾ 3 فوٽ ۽ سوگھران ۾ 2 فٽ تائين رڪارڊ ڪئي وئي. جڏهن ته برفباري ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب وادي ڪاغان ۽ سرن ۾ بجلي ۽ ٽيلي فون جي سروس بند آهي.

ضلعي انتظاما موجب، روڊن رستن کي کولڻ وارو ڪم شروع ڪيو ويو آهي، جڏهن ته برفباري ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب شاهراهه ڪاغان راجوال بند آهي.

برفباري سبب ٻن ڏينهن تائين بند رهندڙ ايبٽ آباد ۽ نٿيا گلي ڏانهن ويندڙ روڊ به کوليا ويا آهن، جڏهن ته ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته روڊ کي ڊونگا گلي تائين کوليو ويو آهي.

ٻئي طرف مالم جبا، پاره چنار، ڪالام، چترال ۽ ٻين علائقن ۾ برفباري سبب ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي آهي.

 ٿڌ ۾ واڌ سبب ايل پي جي گيس ۽ ڪاٺين جا اگهه به چوٽ چڙهي ويا آهن، جنهن سبب رهواسي ڏکيائن کي منهن ڏيڻ لڳا آهن…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*