امريڪا ۾ برفباري جو نئون سلسلو شروع ٿي ويو، شديد برفباري سبب زندگي جو ڪارونهوار سخت متاثر

آمريڪا ۾ برفباري جو نئون سلسلو شروع ٿيڻ بعد رياست ٽئڪساس کان نيو انگلينڊ واري رستي تي برف ڄمي وڃڻ سبب ٽرئفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي جنهن سبب اسڪولن ۽ آفيسن کي به بند ڪيو ويو آهي،برفباري سبب 4 هزار کان وڌيڪ اڏامن کي به معطل ڪيو ويو آهي،ڪينٽڪي رياست ۾ 23 انچ تائين برفباري رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

آمريڪا جي ڪيترن ئي رياستن ۾ شديد برفباري سبب زندگي جو ڪارونهوار سخت متاثر ٿي ويو آهي،روڊ رستن تي برف ڄمي وڃڻ سبب روڊ حادثا پيش اچي رهيا آهن جنهن سبب رستن کي ٽرئفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي.

آمريڪي نيشنل ويڌر سروس پاران ايٽلانٽڪ رياست ۾ برفاني طوفان جي اڳڪٿي وئي آهي جڏهن ته برفاني طوفان کان اڳ 4 انچ تائين برفباري رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪينٽڪي رياست ۾ 23  انچ تائين برفباري پئجي چڪي آهي جنهن سبب رياست ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري روڊ رستن کي ٽرئفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي.

عملدارن موجب برفباري سبب مختلف رياستن ۾ 4 هزار 8 سو 58 اڏامن کي معطل ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*