قصور ۾ معصوم ٻارڙي زينب کي قتل ڪندڙ جوابدار عمران جي وڪيل پنهنجي وڪالت نامو واپس وٺي ڪيس تان هٿ کڻي ويو

qasoor ningri agwa bad qatal

قصور ۾ معصوم ٻارڙي زينب کي قتل ڪندڙ جوابدار عمران جي وڪيل پنهنجي وڪالت نامو واپس وٺي ڪيس تان هٿ کڻي ويو. پراسيڪيوٽر جنرل پنجاب جوابدار کي سرڪاري وڪيل ڏئي ڇڏيو

لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت نمبر هڪ جي جج سجاد احمد زينب قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران جوابدار عمران جي وڪيل پنهنجو وڪالت نامو واپس وٺي ڇڏيو.

وڪيل چيو جوابدار پاران ڏوهه جو اعتراف ڪرڻ بعد ڪيس وڙهڻ لاءِ منهنجو ضمير مطمئن ناهي،

جوابدار عمران جي وڪيل پاران ڪيس نه وڙهڻ واري اعلان کانپوءِ پراسيڪيوٽر جنرل پنجاب زينب قتل ڪيس ۾ جوابدار کي سرڪاري وڪيل ڏئي ڇڏيو. هاڻ محمد سلطان جوابدار جي وڪالت ڪندو.

واضح رهي ته گذريل ٻڌڻي دوران 16 شاهدن جا بيان قلمبند ڪيا ويا هئا، جڏهن ته هن وقت تائين 36 شاهدن جا بيان قلمبند ٿي چڪا آهن…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*