قومي اسيمبلي ٻارڙن جي تحفظ بابت بل اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو، بل رڳو وفاقي گادي واري هنڌ لاڳو ٿيندو

National-Assembly-3217

قومي اسيمبلي ٻارڙن جي تحفظ بابت بل اتفاق راءِ سان  منظور ڪري ورتو، بل رڳو وفاقي گادي واري هنڌ لاڳو ٿيندو، انساني حقن واري وزارت پاران جمع ڪرايل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 5 سالن دوران ملڪ ۾ ٻارڙن سان زيادتيءَ جا 17هزار 8 سئو 62 واقعا پيش آيا.

قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو. جنهن دوران انساني حقن جي وزير احمد تارڙ ٻارڙن جي تحفظ بابت بل پيش ڪيو.

ٻارڙن جي تحفظ بابت پيش ڪيل بل 2017 اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو. جيڪو وفاقي گادي واري شهر ۾ لاڳو هوندو.

بل تحت ٻارڙن جي تحفظ لاءِ قدم کنيا ويندا ۽ ٻارڙن جي تحفظ لاءِ ادارا قائم ڪيا ويندا، جتي ٻارڙن کي مخصوص تربيت ڏيڻ لاءِ مرڪز قائم ڪيا ويندا.

اسيمبلي ۾ انساني حقن جي وزارت پاران 5سالن دوران ٻارڙن سان زيادتيءَ بابت انگ اکر پيش ڪيا ويا.

رپورٽ موجب، 17862ٻارڙن کي زيادتيءَ جو نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته 13262واقعا پوليس وٽ رپورٽ ڪيا ويا.

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ بدين ۽ سانگهڙ ۾ گيس نڪرڻ باوجود علائقي ۾ گيس جي فراهمي نه ٿيڻ خلاف ڊاڪٽر فهميده مرزا ۽ شازيه مري پاران احتجاج ڪيو ويو.

فهميده مرزا چيو ته گذريل چئن سالن کان اسان جون گيس اسڪيمون مڪمل نه ٿي رهيون آهن، گيس بدين جو حق آهي پر هن وقت تائين ڪي به قدم نه کنيا ويا آهن.

پارلياماني سيڪريٽري شهزادي عمر زادي چيو ته هي هڪ تازو سوال آهي، ان تي تفصيل سان جواب ڏينداسين ۽ بريف ڪنداسين.

فهميه مرزا چيو ته مون کي هن قسم جي بريفنگ نه گهرجي، قدرتي وسيلن واري وزير وٽ مڪمل لسٽ موجود آهي.

ڊپٽي اسپيڪر، پارلياماني سيڪريٽري کي هدايت ڪندي چيو ته وزارت کان ان جو جواب وٺي اسيمبلي ميمرن کي ڏيو.

شازيه مري چيو ته سانگهڙ کپرو لاءِ گيس جو مطالبو ڪري رهيا آهيون، چئن سالن کان 158 جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي.

ان موقعي تي پارلياماني سيڪريٽري شهزادي عمر زادي ٽوانا سمورن ميمبرن کي مسئلي جي حل جي خاطري ڪرائي.

دفاع واري وزير چيو ته پهرين جنوري 2013 کان هن وقت ائين ڀارتي فوجي دستن طرفان سيز فائر جي ڀڃڪڙي جي نتيجي ۾ 66 شهري شهيد ۽ 288 زخمي ٿي چڪا آهن.

دفاع واري وزير چيو ته پهرين جنوري 2017 کان ڀارتي فوج طرفان 1394 ڀيرا ڀڃڪڙي ڪئي وئي. جڏهن ته ڀارتي فوج لاڳيتو ايل او سي تي عام شهرين کي نشانو بڻائي رهي آهي.

دفاع واري وزير لکت ۾ جواب جمع ڪرائيندي چيو ته پاڪستاني فوج ڀارتي فوج جي جارحيت خلاف مناسب جوابي ڪارروائي ڪري رهي آهي.

ڊپٽي اسپيڪر چيو ته سينيٽ ۾ هارس ٽريڊنگ  کي روڪڻ لاءِ آئين ۾ ترميم ڪرڻي پوندي. جيڪڏهن سموريون جماعتون متفق آهن ته پوءِ آئين ۾ ترميم ڪئي وڃي.

قومي اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي 10 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*