اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته ملڪ ۾ 70 سالن کان ووٽ جو احترام نه ڪيو ويو، ملڪ جي خدمت ڪندڙن کي نا اهل قرار ڏنو ويو

nawaz shareef

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته ملڪ ۾ 70 سالن کان ووٽ جو احترام نه ڪيو ويو، ملڪ جي خدمت ڪندڙن کي نا اهل قرار ڏنو ويو، منهنجي بيانئي کي ڀرپور موٽ ملي رهي آهي، مخالفن ڪوڙ ۽ الزامن واري سياست ڪئي آهي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مخالفن ڪوڙ، گارين ۽ ذهنن کي خراب ڪرڻ واري سياست ڪئي ۽ اسان عوام جي خدمت ڪئي.

هن چيو ته جيڪو لوڌاران ۾ ٿيو، اهو قوم جو فيصلو آهي، هن فيصلي بابت ڪير سوچي به نه پيو سگهي پر پوءِ به عوام پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته هاڻي عدالتن ۾ ويٺلن کي به سوچڻو پوندو، اهي الله آڏو سڀ کان وڌيڪ جوابده آهن.

هن چيو ته منهنجو پيغام عوام جي دلين ۽ ذهنن تائين پهچي چڪو آهي، ملڪ ۾ 70 سالن کان ووٽ جو احترام نه ٿيو، ووٽ جي تقدس جو پيغام ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائينداسين.

نواز ليگ صدر چيو ته عوام جي مينڊيٽ  جو هر هڪ کي احترام ڪرڻ گهرجي، تڏهن ئي ملڪ اڳتي وڌندو.

نوازشريف چيو ته الله لوڌران ۾ کيس عزت بخشي، هو لوڌران جي عوام جو ٿورائتو آهي، دل چئي ٿو، اتي وڃي سندن ٿورا مڃا………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*