وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪول اٿارٽي بورڊ جي اجلاس ۾ سالياني گرانٽ 50 ملين مان وڌائي 90 ملين جي منظوري ڏني وئي

cm khi

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪول اٿارٽي بورڊ جي اجلاس ۾ سالياني گرانٽ 50 ملين مان وڌائي 90 ملين جي منظوري ڏني وئي، وڏي وزير کي نيون آساميون پيدا ڪرڻ، روڊس اسڪيمن سميت مختلف معاملن تي بريفنگ ڏني وئي.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪول اٿارٽي بورڊ جو ٽيهون اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ بورڊ ميمبرز، ايم پي اي غلام قادر چانڊيو، ڊاڪٽر مهيش ملاڻي، خير النساء مغل، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري سهيل راجپوت ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

بورڊ سنڌ ڪول اٿارٽي جي سالياني گرانٽ 50 ملين مان وڌائي 90 ملين ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جيڪا ايندڙ سالياني بجيٽ ۾ لاڳو ٿيندي.

اجلاس دوران وڏي وزير کي بريفنگ ڏني وئي ته رائلٽي ۽ ٻئي مد ۾ سال
16-2015 ۽ 17-2016ع ۾ 560 ملين رپيا ڪمايا ويا آهن.

سنڌ ڪول اٿارٽي بورڊ روڊس جون سموريون اسڪيمون ورڪس ڊپارٽمينٽ کي منتقل ڪرڻ جي به منظوري ڏني، وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته روڊ جي منتقل ٿيل اسڪيمن تي 90 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪم ٿي چڪو آهي.

اجلاس دوران وڏي وزير کي آگاهي ڏني ته بورڊ ڊپٽي ڊائريڪٽر، اسٽينو گرافر سميت ٻيون آساميون پيدا ڪيون آهن، جن تي جلد ڀرتيون ڪيون وينديون……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*