اردو جي عظيم شاعر مرزا غالب جي اڄ 149 هين ورسي ملهائي پئي وڃي، مرزا غالب جي منفرد اندازِ بيان کيس اردو ادب ۾ اهم مقام ڏياريو

mirza galib

اردو جي عظيم شاعر مرزا غالب جي اڄ 149 هين ورسي ملهائي پئي وڃي، مرزا غالب جي منفرد اندازِ بيان کيس اردو ادب ۾ اهم مقام ڏياريو.

ڀارتي شهر آگرا جي رهواسي مرزا عبدالله خان بيگ جي گهر ۾  27 ڊسمبر 1797ع تي هڪ ٻار جو جنم ٿيو، جنهن جو نالو اسدالله بيگ خان رکيو ويو، شاعري جهڙي قدرتي ڏات کيس اڳتي هلي مرزا غالب طور سڃاڻپ ڏني.

مرزا غالب اڃان ننڍڙو ئي هو ته سندس والد وفات ڪري ويو، مرزا غالب جي  پالنا هن جي چاچَي مرزا نصرالله بيگ ڪئي پر جڏهن غالب 8 سال عمر کي پهتو ته سندس چاچو به هي جهان ڇڏي ويو.

سال 1810ع ۾ جڏهن مرزا غالب جي عمر صرف 13 سالن هئي ته امراءَ بيگم سان سندس نڪاح  ٿيو.

 شادي بعد مرزا غالب اباڻي علائقي کي الوداع چيو ۽ دهلي ۾ مستقل سڪونت اختيار ڪئي، جتي  سندس صحبت ادب سان واڳيل شخصيتن سان رهي.

 مرزا غالب هونئن ته شاعري جو آغاز صرف 11 سالن جي ڄمار کان ڪيو هو پر سندس شاعري ۾ نکار دهلي جي مشاعرن ۾ شرڪت کان پوءِ ڪجهه وڌيڪ نظر آيو.

مرزا غالب جي مغل حڪمرانن سان شروع کان قربت رهي، 1850 ع ڌاري آخري مغل حڪمران بهادر شاهه ظفر کيس “نجم الدوله دبيرالملڪ نظام جنگ” جو خطاب ڏنو ۽ تيموري خاندان جي تاريخ لکڻ تي مقرر ڪيو، جنهن لاءِ کيس 50 رپيا ماهوار وظيفو ملندو رهيو.

“ديوان غالب” سندس شاعري جو مجموعو آهي، جڏهن ته سندس لکيل خط پڻ ادب جي دنيا ۾ اهم مقام رکن ٿا.

مرزا غالب 15 فيبروري 1869 ع ۾ هن ڏيهه کان هميشه لاءِ موڪلاڻي ڪئي.

جيتوڻيڪ مرزا غالب جي شاعري 150 سال اڳ واري دور جي آهي، پر سندس ڪلام پڙهي ائين محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ هو هن دور جو شاعر آهي، اهو چوڻ وڌاءَ نه هوندو ته ايندڙ وقت ۾ به مرزا غالب ادب جي افق تي ائين ئي جرڪندو رهندو.

 جيڪو مقام مرزا غالب کي مليو، اهڙو تمام گهٽ سرجڻهار حاصل ڪري سگهيا آهن….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*