سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ضمني ريفرنس تي ضمني ريفرنس داخل ڪرايو پيو وڃي

mariyam oranzaib

سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ضمني ريفرنس تي ضمني ريفرنس داخل ڪرايو پيو وڃي، 6 ريفرنسز ۾ هن وقت تائين ڪجهه به نه مليو آهي، سپريم ڪورٽ ۾ به پيتيون ڀري ثبوت پيش ڪيا ويا پر انهن ۾ ڪجهه نه مليو، هڪ رپئي جي به چوري هن وقت تائين ثابت نه ٿي سگهي آهي،.

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ شريف ڪٽنب جي پيشي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته ضمني ريفرنس تي ضمني ريفرنس داخل ڪرايو پيو وڃي پر کين 6 ريفرنسز ۾ هن وقت تائين ڪجهه به نه مليو آهي،

هن چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ به پيتيون ڀري ثبوت پيش ڪيا ويا پر انهن ۾ ڪجهه نه مليو،

سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير چيو ته هڪ رپئي جي به چوري هن وقت تائين ثابت نه ٿي سگهي آهي،

مريم اورنگزيب چيو ته اي سي ايل ۾ نالو ڪهڙي بنياد تي وڌو پيو وڃي، اسان ان معاملي تي قانون رستو اختيار ڪنداسين……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*