سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته مضبوط صوبا ئي مضبوط وفاق جي ضمانت آهن

raza rabbani

سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته مضبوط صوبا ئي مضبوط وفاق جي ضمانت  آهن، 18 هين آئيني ترميم کي سياسي پارلياماني جماعتن اتفاق راءِ سان منظور ڪيو هو، اين ايف سي ايوارڊ پاڪستان جي مالي مسئلن کي حل نٿو ڪري سگهي. اسان هڪ خودمختيار ملڪ آهيون پر آءِ ايم ايف ڊڪٽيٽ ڪري رهيو آهي.

اسلام آباد ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي رضا رباني چيو ته مضبوط صوبا ئي مضبوط وفاق جي ضمانت  آهن،

هن چيو ته 18 هين آئيني ترميم کي سياسي پارلياماني جماعتن اتفاق راءِ سان منظور ڪيو هو،

سينيٽ چيئرمين چيو ته آءِ ايم ايف جي رپورٽ آهي ته صوبن کي اختيار منتقل ڪرڻ وارو نظام ڪم نه ڪري رهيو آهي،

هن چيو ته اين ايف سي ايوارڊ پاڪستان جي مالي مسئلن کي حل نٿو ڪري سگهي. اسان هڪ خودمختيار ملڪ آهيون پر آءِ ايم ايف ڊڪٽيٽ ڪري رهيو آهي.

رضا رباني چيو ته پاڪستان ٻين ملڪن جيان پر امن ملڪ آهي، آئين ۾ چي ويو آهي ته ايندڙ اين ايف سي ماضي جي ڀيٽ ۾ ايوارڊ کان گهٽ نه هجي،

هن چيو ته ورلڊ بينڪ جي مدد سان صوبائي وسيلن تي هڪ بل جو مسودو تيار ڪيو ويو، اهڙين حالتن ۾ ڇا مان 18هين آئيني ترميم تي عمل ٿيندي ڏسي سگهان ٿو.

سينيٽ چيئرمين چيو ته 1973ع جي آئين جي بيورو ڪريسي طرفان تشريح ڪئي پئي وڃي. اڄ اختيارن کي صوبن ڏانهن منتقل ڪرڻ خلاف قوتن کي ڪم ڪندي ڏسي رهيو آهيان. 5 سال گذري ويا آهن ۽ آرٽيڪل 160 جي غلط تشريح ڪئي پئي وڃي.

هن چيو ته بيورو ڪريسي  فيصلو ڪيو آهي ته ايندڙ بجيٽ اين ايف سي ايوارڊ بنا ايندو، پارليامينٽ موجود آهي ته فيصلي جو اختيار بيورو ڪريسي کي ڪنهن ڏنو آهي.

رضا رباني چيو ته اين ايف سي ايوار دجي حوالي سان آئين جي غلط تشريح ڪئي پئي وڃي، آئين جي آرٽيڪل 172 تي عمل ڪرڻ لاءِ مڪينيزم ناهي بڻايو ويو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*