اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته عام ماڻهو جي پگهار نه پئي وڌائي وڃي

National-Assembly-9816

اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته عام ماڻهو جي پگهار نه پئي وڌائي وڃي، آبادگار سستي اگهه تي ڪمند وڪروڪرڻ تي مجبور آهن، اڄ حالت اها آهي ته افغانستان جهڙو ملڪ به اسان کي ڌمڪيون ڏي رهيو آهي، جن جي چوڻ تي افغان جنگ وڙهي اهي ئي ويزا نه پيا ڏين.

قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽِي اسپيڪر مرتضي جاويد عباسي جي صدارت هيٺ ٿيو.

اجلاس دوران ميمبرن پاران پاڻ ۾ ڳالهائڻ تي ڊپٽي اسپيڪر ۽تحريڪ انصاف جي ميمبر محمد عامر ڊوگر وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي،

اسيمبلي ميمبر  محمد عامر ڊوگر اعتراض ڪيو ته جيڪو ماڻهو ايوان ۾ هجي ۽ ڳالهين ۾ مصروف هجي ان کي ڳالهائڻ نه ڏنو وڃي، جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر چيو ته اوهان اچي منهنجي سيٽ تي ويهي رهو.

ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي ميمبرن کي نه ڳالهائڻ جي به هدايت ڪئي.

اجلاس ۾ شريف ڪٽنب جي ٻارڙن جي شادي جي ذڪر دوران خورشيد شاهه چيو ته اڳوڻي وزيراعظم جي گهر ۾ شادي تقريب ٿي، ڪنهن به پارليامينٽرين کي دعوت نه ڏني وئي پر ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي تقريب ۾ شريڪ ٿيو.

اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو ته آئون گارين واري سياست نٿو ڪري سگهان، پنهنجي نااهلي لڪائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي پئي وڃي،

هن چيو ته عام ماڻهو جي پگهار نه پئي وڌائي وڃي، آبادگار سستي اگهه تي ڪمند وڪروڪرڻ تي مجبور آهن،

اپوزيشن ليڊر چيو ته حڪومت مهانگائي وڌائي  ڇڏي آهي، پيٽرول مهانگو ٿي ويو آهي،

خورشيد شاهه چيو ته اڄ حالت اها آهي ته افغانستان جهڙو ملڪ به اسان کي ڌمڪيون ڏي رهيو آهي، جن جي چوڻ تي افغان جنگ وڙهي اهي ئي ويزا نه پيا ڏين.

قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر اجلاس جي ڪارروائي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*