موهن جو دڙو جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو

moin jo daro

موهن جو دڙو جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

محمد حسن شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ملازمن ميوزم کي تالا هڻي گيٽ  احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته ملازمن کي پڪو ڪيو ويو پر پينشن سميت ٻيون ڪي به سهولتون مليل ناهن.

هنن چيو ته مسلسل احتجاج ڪرڻ باوجود ڪو به عملدار ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي.

  هنن وڏي وزير ۽ ثقافت کاتي جي صوبائي وزير کان مطالبو ڪيو ته ملازمن کي پينشن سميت ٻيون سهولتون فراهم ڪري پريشانين کان بچايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*